بلتت/بالتي قلعو

بلتت/بالتي قلعو

بلتت بالتي قلعو

بلتت/بالتي قلعو (Baltit Fort): هيءُ قديم قلعو واديءِ هنزه، گلگت بلتستان ۾ واقع آهي. ماضيءَ ۾ هي قلعو هنزه ۾ رائج جاگيرداراڻي ايامڪاري جو محفوظ ۽ بنيادي مرڪز هو. هن قلعي جي اڏاوت تقريباً ست سو (700) سال اڳ ٿي ۽ مختلف دورن اندر نئين سر تعمير ۽ تبديلين جو محور رهيو. سورهين صدي عيسويءَ ڌاري هڪ شهزادي جي شادي بلتستان جي شهزادي سان ٿي، جنهن پنهنجي رهائش کي ڪنوار جي ڏاج وانگر سينگارڻ لاءِ ماهر بلتي ڪاريگرن کي گهرايو. هن قلعي جي اڏاوتي ڪم ۾ بلتستان جي ٻُڌي-تبتي فنِ تعمير جو اثر نمايان آهي. ماضيءَ ۾ پاڪستان جي اترين علائقن ۾ بي شمار ننڍيون ننڍيون خود مختيار رياستون تاريخ جو حصو رهيون آهن، جن مان هنزه ۽ ناگر/نگر (Nagar) به ڪنجوت درياهه جي مخالف پاسن ۾ آباد ٻه روايتي حريف رياستون هيون. انهن ٻنهي رياستن جي حڪمرانن کي مير/ٿُم (ٿوم يا ٿامو) سڏيو ويندو هو. انهن ميرن/ٿُمن، حاڪميت جي قيام خاطر پنهنجين رياستن ۾ قلعن جي اڏاوت ۽ ٻيا اهم تعميراتي ڪم ڪرايا.
تاريخي ماخذن موجب هنزه جي حاڪم سلطان، پنهنجي رهائش لاءِ التت نالي قلعو تعمير ڪرايو. سلطان جي وفات بعد سندس ٻن پٽن شاهه عباس ۽ علي خان جي وچ ۾ رياستي تڪرار شروع ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ننڍو امير ’علي خان‘ مارجي ويو ۽ وڏي امير شاهه عباس التت/بلتت قلعي کي مرڪزي تختگاهه بڻائي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي.هڪ ٻي تاريخي بيان موجب پندرهين صديءَ ڌاري هنزه جي وقتي حاڪم آيئشو ٻئين (Ayasho II) بلتستان جي شهزادي شاهه خاتون سان شادي ڪئي، جنهن لاءِ ان اهو قلعو تعمير ڪرايو. مغل تاريخن ۾ بلتستان کي تبت خرد، يعني ننڍڙي تبت جي نالي سان بيان ڪيو ويو آهي، جيڪو پهرين التت ۽ پوءِ آهستي آهستي بلتت ۾ تبديل ٿي ويو. اڀرندي طرف کان بلتستان جا لداخ جي علاقائي حدن تائين مضبوط ثقافتي لاڳاپا هئا. اهو ئي سبب آهي جو بلتت قلعي جي بنيادي ساخت/طرز تعمير ۾ لداخي-تبتي فنِ تعمير جو اثر نمايان آهي. ان کانسواءِ لهسه ۾ قائم پوٽالا محل (Potala Palace) جي اڏاوت جهڙي مماثلت پڻ ڏسڻ ۾ ايندي. هيءُ قلعو مختلف وقتن ۾ واڌاري ۽ تبديلي جي مرحلن مان گذرندو رهيو.
هن قلعي جي ساخت ۾ وڏي تبديليءَ جو سبب ڊسمبر 1891ع ڌاري برطانوي حملي آورن جي ڪاهه بڻيو. امير صفدر علي خان ۽ سندس وزير دادو ٺارا بيگ (ٻيون)، ڪشگر (چين) سان دوستاڻا تعلقات قائم ڪرڻ خاطر دوستن ۽ پوئلڳن لاءِ سياسي پناهگاهن جو قيام عمل ۾ آندو. برطانوي حملي آورن طرفان هنزه ۽ ناگر/نگر کي فتح ڪرڻ بعد ان دور جي يادگار گهڙيال گهر، پراڻي بلتت وسندي (ڳوٺ) ۽ بلتت قلعي جي اتر-الهندي حصي کي تباهه ڪري، سيپٽمبر 1892ع تي هنزه رياست جي حڪومت جون واڳون صفدر علي خان جي ننڍي ڀاءُ محمد ناظم خان جي حوالي ڪيون. ناظم خان پنهنجي حاڪميت دوران بلتت قلعي ۾ وڏي پئماني تي تبديليون ڪرايون. هن ڪمرا ڀڃرائي ان جي جاءِ تي برطانوي طرز تعمير جا ڪمرا اڏايا. 1945ع ڌاري هنزه جي آخري حاڪم محمد جمال خان جي ٽڪريءَ هيٺيان ٺهرايل نئين محل ۾ سڪونت اختيار ڪئي، جتي موجوده مير غضنفر علي خان پنهنجي ڪٽنب سان گڏ رهائش پذير آهي. هن وقت هيءُ قلعو قديم ماڳن ۾ شمار ٿئي ٿو.
بلتت قلعي جي خسته حاليءَ سبب هن قلعي جو ڀري ڍير/دڙي جي صورت ۾ اچڻ جو قوي امڪان هو، جنهن جي مدِنظر ’هز هائينس پرنس ڪريم آغا خان چوٿين‘ ذاتي دلچسپي وٺندي قلعي کي محفوظ ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ان ڏس ۾ مير غضنفر علي خان بلتت قلعو، هيريٽيج ٽرسٽ کي منتقل ڪيو. 1990ع ڌاري آغا خان ٽرسٽ فار ڪلچر جنيوا ۽ آغا خان ڪلچرل سروس پاڪستان جي گڏيل سهڪار سان قلعي جي حفاظتي رٿا جو آغاز ٿيو، جيڪا 1996ع تائين، ڇهن سالن جي عرصي ۾ مڪمل ٿي. هن قلعي جي حفاظتي انتظامن لاءِ آغا خان ڪلچر ٽرسٽ جي هسٽارڪ سٽيز سپورٽ پروگرام (Historic Cities Support Program) خرچ ڪيو، جڏهن ته ان سلسلي ۾ گيٽي گرانٽ پروگرام، آمريڪا، نؤروين ايجنسي فار ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن، فرانس ۽ رائل جاگرافيڪل سوسائٽي، لنڊن پڻ تعاون ڪيو. هن وقت هيءُ ورثو قرار ڏنل شاندار تاريخي قلعو، عجائب گهر (Museum) جي صورت ۾ موجود آهي، جنهن جو افتتاح هز هائينس پرنس ڪريم آغا خان (چوٿين) ۽ ان وقت جي پاڪستاني صدر فاروق احمد خان لغاريءَ گڏجي ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو